پارس عباسي

پارس عباسي: ليکڪا پارس عباسيءَ، 17 فيبروري 1965ع تي خيرپورميرس جي مشهور شاعر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر قمر عباسيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم خيرپور ۾ حاصل ڪيائين. ۽ انٽرميڊيٽ بورڊ سکر مان 1982ع ۾ امتيازي حيثيت سان انٽر پاس ڪيائين. 1990ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان امتيازي حيثيت ۾ آرڪيٽيڪچر ۾ بي. اي ڪيائين. 1991ع ۾ سندس شادي انجينئر شاهد عباسيءَ سان ٿي. شعر جو ذوق کيس ورثي ۾ مليو. ڄمڻ سان ئي گھر ۾ ادبي ماحول پسيائين. تيرهن ورهين جي ڄمار کان لکندڙ پارس عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ريشمي آواز“ جي نالي سان ڇپيل آهي.


لفظ پارس عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو